ڊاڪٽر انور علي شاهه

ڊاڪٽر انور علي شاهه

انور علي شاهه ڊاڪٽر

انور علي شاهه، ڊاڪٽر: تعليمي ماهر ۽ IBA سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو اڳوڻو ڊائريڪٽر (2003ع-1993ع) ڊاڪٽر انور علي شاهه پھرين جنوري 1953ع تي تعلقي موري، ضلعي نوشھروفيروز جي ڳوٺ اُڀريو شاهه، لڳ نوان جتوئي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو سيد غلام شاهه غازي هو. 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم ڪام ڪرڻ کان پوءِ، 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. تعليمي سفر جاري رکندي 1984ع ۾ ليڊز يونيورسٽي (Leeds University) انگلنڊ مان MBA جي ڊگري حاصل ڪئي. 1989ع ۾ يونيورسٽي آف ويلز (University of Wales) جي ڪارڊف بزنس اسڪول (ڪاليج آف ڪارڊف برطانيا) مان پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1996ع ۾ IBA سکر (جيڪو IBA ڪراچي سان الحاقيل هو) جو باني ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. IBA سکر ان وقت جي ڪمشنر سکر ڊويزن سيد غلام علي شاهه پاشا ۽ وفاقي وزير تعليم سيد خورشيد احمد شاهه جي ڪوششن سان قائم ٿيو ۽ هن وقت IBA سکر يونيورسٽي طور ڪم ڪري رهي آهي. بئنڪنگ، مئنيجمينٽ، مارڪيٽنگ، هيومن رسورس مينيجمينٽ ۽ ٻين موضوعن تي سندس 300 کان وڌيڪ تحقيقي مضمون ڏيھي ۽ پرڏيھي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هِن اُهي مقالا آمريڪا، آسٽريليا، برطانيا، ملائيشيا ۽ ٻين بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيا، جن مان ستن تحقيقي مقالن تي بھترين پيپر اوارڊ (Best Paper Award) پڻ حاصل ڪيا. ان کانسواءِ بئنڪاري تي لکيل سندس ڪتاب ’بئنڪنگ‘ ڪفايت اڪيڊمي ڪراچي/لاهور طرفان ڇپايو ويو. ان سان گڏ بزنس ڪميونيڪيشن، ليڊر شپ (Leadership) ۽ مئنيجمينٽ تي به سندس ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ Effective Managerial Communication ۽ Management for Better Decision Making شامل آهن، جيڪي لاهور مان شايع ٿيا ۽ هن وقت يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا. پاڻ 2003ع کان 2011ع تائين سنڌ يونيورسٽي ۾ فئڪلٽي آف ڪامرس ۽ بزنس ائڊمنسٽريشن جو ڊين (Dean) ٿي رهيو. آگسٽ 2011ع کان 2018ع تائين سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي باني پرو وائيس چانسلر طور فرض انجام ڏيندو رهيو. 2013ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جو بنياد وڌو ۽ ڪلاس شروع ڪرايا. اهڙي طرح مٿين ٽن ادارن جو باني سربراهه رهيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ سينيٽ، سينڊيڪيٽ ۽ فنانس پلاننگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو. پاڻ نيشنل بزنس ايجوڪيشن ائڪريڊيشن ڪائونسل (NBEAC)، نيشنل رويو ڪميٽي بزنس ائڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس جي مضمونن ۾ هاير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جو ميمبر رهيو. پاڪستان جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري يونيورسٽين جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر ۽ سنڌ گورنمينٽ جي سي آءِ اي سي (CIEC) جي ايڪسپرٽ ميمبر طور ڪم ڪري رهيو آهي.هن، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس ۾ مقرري واري عرصي دوران ٽي بين الاقوامي ڪانفرنسون ۽ ڪيترائي سيمينار منعقد ڪرايا ۽ دادو ڪئمپس ۾ هڪ ريسرچ جرنل Sindh Business Review جي نالي سان پڻ ڇپايو. پاڻ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. هن وقت اسرا يونيورسٽي حيدرآباد جي بورڊ آف اسٽڊيز، بورڊ آف گورنرس جي ميمبر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر انور علي شاهه 2007ع ۾ ميريٽوريس پروفيسر (BPS-22) مقرر ٿيو ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي IBA شعبي ۾Professor Emeritus طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.01.01  عيسوي

ڊاڪٽر انور علي شاهه پهرين جنوري 1953ع تي تعلقي موري ،ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ اُڀريو شاهه ،لڳ نوان جتوئي ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رميش هيرانند ڪرناڻي
ابن سعد
سر وليم جونز
شيام رامسي
علي محمد ڀٽو
عبدالعلي قلباڻي
قاضي اياز مهيسر
راڻو هميرسنگهه
انور حسين صديقي
عبدالفتاح ميمڻ 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون